Monday, 17 December 2012

sindh sindh



سنڌ کي ٻن حصن ۾ نه ورهايو

جئين ته هن وقت پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بند ڪريو هر پاسي کان فقط اهيو ئي نعرو گونجي اٿي ٿو ته نا منظور نامنظور سنڌ جي ورهاست نا منظور پر هن وقت جي حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا به جئون نه ٿي سري ۽ اهي پهنجي ڪم ۾ رڌل آهن ان جو مقصد اهيو ٿو ٿئي ته سنڌ کي ورهائڻ وارا سنڌي نه پر اهي سنڌ جا غدار آهن جيڪي سنڌ ورهائڻ چاهن آئون اهيو يقين سان چوان ٿو ته سنڌ کي ورهائڻ وارا سنڌ جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي اهيو سودو تمام گهڻو مهانگو پئجي ويندو ڇو ته هن وقت سڀ سنڌي هڪ آهن ۽ انهن جا هٿن ۾ هٿ آهن ۽ انهن جي چپن تي هڪ ئي نعرو آهي ته بند ڪريو بند ڪريو سنڌ جو ورهانگو بند ڪريو ۽ هڪ سنڌ هڪ نظام جو نعرو آهي ۽ يقين اسان جا احتجاج ڪڏهن نه ڪڏهن رنگ ضرور لاهيندا ۽ هي سنڌ ورهائيڻ کان محفوظ ٿي ويندي جنهن سنڌ ۾ مومل راڻي عمر ماروي سسئي پنهون جا قصا ٻڌا ۽ ٻڌايا وڃن جتي مچ ڪچهريون مچايون وڃن ۽ جتي شاه جون وايون ڳايون وڃن جتي قلندر لال شهباز جا ميلا لڳايا وڃن پر افسوس ته ان سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي پر اها سازش فقط سازش ئي رهجي ويندي ۽ سنڌ هميشه سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رهندي سنڌ جي جوانن اهيو چئي وچن ڪيو هجي ۽ جن فنڪارن ائين ڳايو هجي ته                                                               
هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي بي هجان سنڌ تهنجو ٿيان                   
ڇا اهي سنڌي جوان سنڌ جو ورهانگو برداشت ڪندا اها ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهي سنڌي سنڌ جو ورهانڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا آخر اهيو حق اسان کان ڇو پيو کسيو وڃي ها اهيو حق اسان کان ان ڪري کسيو پيو وڃي ته هن سنڌ ۾ دودي جهڙي جوانن جنم ورتو هجي ها شايد اهيو حق ان ڪري کسيو پيو وڃي ته هن ڌرتي ماءِ تي اڃان سچ چوڻ ۽ سچ ڳالهائڻ وارا موجود هجن ها واقع هتي سچ ڳالهائڻ وارا گهڻا ئي موجود آهن تڏهن ته انهن کان اهيو حق کسيو پيو وڃي هن گورنمنٽ سنڌ جي ورهانڱي وارو اهيو بل ڪنهن جي به صلاح مشهوري تي پاس نه ڪيو آهي اهيو بل فقط رات جي ڪاري اونداهي ۾ پاس ٿي ويو آهي جڏهن ان بل جي هتان جي سنڌي نوجوانن کي خبر پئي ته اهي سنڌي نوجوان پهنجي مٿي تي ڪفن ٻڌي سنڌ جي بچاءِ لاءِ  سنڌ امڙ جو نعرو هڻي گهرن کان نڪري پيا تازو اسان جي ضلع بدين ۾ به هڪ وڏو جلسو ٿي گذريو ۽ اتي به هر طرف سنڌ امڙ کي بچائڻ جا نعرا لڳي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي زبان تي اهي لفظ هئا ته خدارا سنڌ کي ورهائڻ جي سازش بند ڪريو پر افسوس ته هي حڪمران الائي ته ڪهڙي ننڊ ستل آهن جڏهن ته هي حڪمران به چوندا آهن ته سنڌ اسان جي آهي پر افسوس ته اڄ اهي ئي حڪمران سنڌ کي ورهائي رهيا آهن جن چيو هو ته اسين سنڌ جي مٿان پهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا سين اڄ وري اهي ئي سنڌ جا حڪمران سنڌ جا ٽڪرا ڪري رهيا آهن جڏهن ته انهن حڪمرانن سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ڄڻ هنن اسان جي جگر جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آهن ها شايد اڄ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هجي ها ته ان سنڌ جي ورهائڻ واري بل کي ٿڏاري ڇڏي ها ۽ هو به ائين ئي چوي ها ته سنڌ اسان جي آ ۽ اسين سنڌ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ برداشت نه ڪندا سين پر افسوس ته اها سنڌ راڻي به اسان کان هميش جي لاءِ وڇڙي وئي هن وقت سنڌ جا دشمن سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهندو ۽ انهن جي ڪوشش نا ڪام ٿي ويندي ڇو ته هي سنڌ صوفين درويشن جي سنڌ آهي ۽ انهن درويشن جي سنڌ کي ڪڏهن به ورهائي نه سگهبو اسين هتان جي حڪمرانن کي اهيو عرض ٿا ڪريون ته خدارا اگر توهان سنڌي آهيو ته سنڌ جو ورهانڱو بند ڪيو وڃي ته جئين اهي سڀ نوجوان اهيو ئي چوندا اچن ته هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي ڀي هجان سنڌ تهنجو ٿيان ڪين نه ڪوسوڪڏهن واهه توکي لڳي تهنجا دشمن ڏسان ڪنڌ تن جا ڪپيان هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي ڀي هجان سنڌ تهنجو ٿيان .



شهزاد علي ميمڻ ٽنڊوباگو

                            

No comments:

Post a Comment