Tuesday, 11 December 2012

مهانگائي جو زميدار ڪير




مهانگائي جو زميدار ڪير

پاڪستان جي تاريخ ۾ آيل پنجن سالن ۾جيڪا مهانگائي ٿي آهي اهڙي ڪڏهن به نه ٿي آهي انهي جو سبب رڳو آفيسن ۾ ويٺل آفيسر ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل وزير نه آهن پر پاڪستان جي عوام جو به وڏي ۾ وڏو هٿ آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪو به احتجاج بنا ڪنهن نقصان جي نه ٿيو آهي اهڙن ڏينهن تي اڪثر انڊيا جي فلم انڊسٽري جا سين ڏسڻ ۾ ايندا آهن هوته پهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ڪمپيوٽر وسيلي نقصان ڏيکاريندا آهن پر پاڪستان جي عوام ڪڏهن ڪوسٽر،بس،ڪارته ڪڏهن رڪشو ساڙيندي آهي جيڪڏهن ڪجهه به نه مليو ته ٽائر ساڙي هوا ۾ آڪسيجن ختم ڪري بيماريون وڌائيندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته خارن مان بلڊينگون ،دڪان،آفيسون۽ بينڪون ائين ساڙيندا آهن ڄڻ ته ڪا ذاتي دشمني هجي ۽ خوشي ملهائيندا آهن پر جڏهن احتجاج ختم ڪري گهر ڏانهن روانا ٿيندا آهن ته واٽ تي معلوم ٿيندو اٿن ته دڪاندار کنڊ جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي ته پوءِ ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي سرڪار  کي پيا پٽيندا آهن اهيو ڪون سوچيندا آهن ته کنڊ ڪنهن مهانگي ڪئي آهي حڪومت يا اسان پاڻ هٿن سان باهه ڏيئي مالڪن جو نقصان ڪري مهانگي ڪئي آهي ۽ هڪ ٻئي کي اهيو به پيا چوندا آهن ته اسان پهنجو وونٽ وڃائي ڇڏيو آهي اهڙن کي وونٽ ڏنا سين جن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر جيڪڏهين پاڪستان جي عوان نقصان نه ڪري ته پاڪستان ۽پاڪستان جي عوام خوشحالي ۾ دنيا جي پهرين نمبر تي هجي ها.                                                                                                                   
    حاجي رستماڻي بلوچ      ٽنڊوباگو     

No comments:

Post a Comment