Saturday, 29 December 2012
Tuesday, 25 December 2012
Saturday, 22 December 2012
Monday, 17 December 2012
sindh sindh
سنڌ کي ٻن حصن ۾
نه ورهايو
جئين ته هن وقت پوري سنڌ
سراپا احتجاج آهي ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بند ڪريو هر پاسي کان فقط اهيو ئي
نعرو گونجي اٿي ٿو ته نا منظور نامنظور سنڌ جي ورهاست نا منظور پر هن وقت جي
حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا به جئون نه ٿي سري ۽ اهي پهنجي ڪم ۾ رڌل آهن ان جو مقصد اهيو
ٿو ٿئي ته سنڌ کي ورهائڻ وارا سنڌي نه پر اهي سنڌ جا غدار آهن جيڪي سنڌ ورهائڻ
چاهن آئون اهيو يقين سان چوان ٿو ته سنڌ کي ورهائڻ وارا سنڌ جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن
جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي اهيو سودو تمام گهڻو مهانگو
پئجي ويندو ڇو ته هن وقت سڀ سنڌي هڪ آهن ۽ انهن جا هٿن ۾ هٿ آهن ۽ انهن جي چپن تي
هڪ ئي نعرو آهي ته بند ڪريو بند ڪريو سنڌ جو ورهانگو بند ڪريو ۽ هڪ سنڌ هڪ نظام جو
نعرو آهي ۽ يقين اسان جا احتجاج ڪڏهن نه ڪڏهن رنگ ضرور لاهيندا ۽ هي سنڌ ورهائيڻ
کان محفوظ ٿي ويندي جنهن سنڌ ۾ مومل راڻي عمر ماروي سسئي پنهون جا قصا ٻڌا ۽ ٻڌايا
وڃن جتي مچ ڪچهريون مچايون وڃن ۽ جتي شاه جون وايون ڳايون وڃن جتي قلندر لال شهباز
جا ميلا لڳايا وڃن پر افسوس ته ان سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي پر اها سازش
فقط سازش ئي رهجي ويندي ۽ سنڌ هميشه سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي رهندي سنڌ جي جوانن
اهيو چئي وچن ڪيو هجي ۽ جن فنڪارن ائين ڳايو هجي ته
هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو
ڪريان مان جتي بي هجان سنڌ تهنجو ٿيان
ڇا اهي سنڌي جوان سنڌ جو
ورهانگو برداشت ڪندا اها ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اهي سنڌي سنڌ جو ورهانڱو ڪڏهن
به برداشت نه ڪندا آخر اهيو حق اسان کان ڇو پيو کسيو وڃي ها اهيو حق اسان کان ان
ڪري کسيو پيو وڃي ته هن سنڌ ۾ دودي جهڙي جوانن جنم ورتو هجي ها شايد اهيو حق ان
ڪري کسيو پيو وڃي ته هن ڌرتي ماءِ تي اڃان سچ چوڻ ۽ سچ ڳالهائڻ وارا موجود هجن ها
واقع هتي سچ ڳالهائڻ وارا گهڻا ئي موجود آهن تڏهن ته انهن کان اهيو حق کسيو پيو
وڃي هن گورنمنٽ سنڌ جي ورهانڱي وارو اهيو بل ڪنهن جي به صلاح مشهوري تي پاس نه ڪيو
آهي اهيو بل فقط رات جي ڪاري اونداهي ۾ پاس ٿي ويو آهي جڏهن ان بل جي هتان جي سنڌي
نوجوانن کي خبر پئي ته اهي سنڌي نوجوان پهنجي مٿي تي ڪفن ٻڌي سنڌ جي بچاءِ
لاءِ سنڌ امڙ جو نعرو هڻي گهرن کان نڪري
پيا تازو اسان جي ضلع بدين ۾ به هڪ وڏو جلسو ٿي گذريو ۽ اتي به هر طرف سنڌ امڙ کي
بچائڻ جا نعرا لڳي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي زبان تي اهي لفظ هئا ته خدارا سنڌ کي
ورهائڻ جي سازش بند ڪريو پر افسوس ته هي حڪمران الائي ته ڪهڙي ننڊ ستل آهن جڏهن ته
هي حڪمران به چوندا آهن ته سنڌ اسان جي آهي پر افسوس ته اڄ اهي ئي حڪمران سنڌ کي
ورهائي رهيا آهن جن چيو هو ته اسين سنڌ جي مٿان پهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا سين
اڄ وري اهي ئي سنڌ جا حڪمران سنڌ جا ٽڪرا ڪري رهيا آهن جڏهن ته انهن حڪمرانن سنڌ
کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ڄڻ هنن اسان جي جگر جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا آهن ها شايد اڄ
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هجي ها ته ان سنڌ جي ورهائڻ واري بل کي ٿڏاري ڇڏي ها
۽ هو به ائين ئي چوي ها ته سنڌ اسان جي آ ۽ اسين سنڌ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ برداشت
نه ڪندا سين پر افسوس ته اها سنڌ راڻي به اسان کان هميش جي لاءِ وڇڙي وئي هن وقت
سنڌ جا دشمن سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهندو ۽
انهن جي ڪوشش نا ڪام ٿي ويندي ڇو ته هي سنڌ صوفين درويشن جي سنڌ آهي ۽ انهن درويشن
جي سنڌ کي ڪڏهن به ورهائي نه سگهبو اسين هتان جي حڪمرانن کي اهيو عرض ٿا ڪريون ته
خدارا اگر توهان سنڌي آهيو ته سنڌ جو ورهانڱو بند ڪيو وڃي ته جئين اهي سڀ نوجوان
اهيو ئي چوندا اچن ته هن جنم هن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي ڀي هجان سنڌ تهنجو
ٿيان ڪين نه ڪوسوڪڏهن واهه توکي لڳي تهنجا دشمن ڏسان ڪنڌ تن جا ڪپيان هن جنم هن
جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان مان جتي ڀي هجان سنڌ تهنجو ٿيان .
شهزاد علي ميمڻ ٽنڊوباگو
Tuesday, 11 December 2012
Agucation
تعليم بچايو
جئين ته اسان جي شهر ٽندوباگو جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ اسڪول ته
موجود آهن پر انهن اسڪولن ۾ استاد موجود نه آهن اهي استاد جيڪي فقط ماستري جو
پگهار وصول ڪري رهيا آهن اهي استاد جيڪي صبح جو يارهن بجي نند مان اٿن ٿا انهي
ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪهڙو فرض سر انجام ڏيندا يارهن بجي کان
پوءِ پهنجي ڪاروبار يا ڪنهن ٻي مصروفيت ۾ رڌل هوندا آهن تعليم فقط پرائيويٽ اسڪولن
۾ آهي جتي جي في ڳري آهي جيڪا غريب کان پري جي ڳالهه آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تازو
استادن جو عالمي ڏينهن ته ملهايو ويو وڏا سيمينار ٿيا جنهن ۾ استاد صاحبان وڏي فخر
سان اهيو چئي ويا ته تعليم هن معاشري لاءِ استادئي ڏيئي سگهن ٿا اهي استاد جنهن جو
اهترام ڪندي آئون اهيو چوندس ته هن وقت جيڪي به استادن جي عالمي ڏهاڙي تي گهڻو
ڪجهه ڳالهائي ويا آهن اهي ئي استاد پهنجا ڪيترا فرَض نڀائين ٿا اها هقيقت ظاهر
ڪندي صحافت جي نالي جو احترام ڪندي انهن استادن کي اهيا گزارش ڪندس ته اهيو روشن
ڏيئو هن سماج ۾ توهان جي هٿ ۾ آهي جي توهان به پهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندا ته پوءِ
آئون اهيا ميار اهيو ڏک فقط توهان تائين ڪري سگهجي ٿو ڇو ته توهان ان علم جي روشن
ڏيئي کي اجهائڻ جا زميوار آهيو ان ڳالهه ۾ تعليم جي وزير جو ڪهڙو ڏوهه توهان کي
جڏهن پاڻ کي احساس ٿيندو ته اهيو روشن ڏيئو فقط پهرين تاريخ بينڪ جي اڳيان پگهار کڻڻ
سان توهان جو گهر ته روشن ٿي سگهي ٿو پر ان غريب ٻار جو مستقبل اونداهي ۾ هليو ٿو
وڃي جنهن کي گهران فقط علم جي راهه لاءِ مائٽ روانو ڪن ٿا ۽ اهيا آس نراس رکي
پهنجي اولاد کي تعليم ڏانهن ڌيان ڇڪائن ٿا ۽ هو صبح جو سوير اٿي امڙ کي اهيو چئي روانو ٿين ٿا ته مان اسڪول پيو
وڃان ۽ اهي ئي ٻالڪ ٻار پهنجا ڪتاب هٿ ۾ کڻي جلدي گهر موٽن ٿا ۽ فخر سان اهيو چون
ٿا ته امان مهنجو ماستر اخبار ۽ ٽي وي جو نمائيندو آهي جيڪو روزهڪ وڏي گاڏي ۾ چڙهي
هليو ويندو آهي ۽ اسان کي صرف ڪلاڪ کن لاءِ اهيو سمجهائي ويندا آهن ته ڪير به
توهان کان پڇا ڪري ته چئجو ماستر کي پيٽ ۾ سور پيو تنهن ڪري گوري وٺڻ ويو آهي اها گوري جيڪا استاد پهنجي پگهار
مان مهينو کن کائي سمهي رهندا آهن ۽ ٻيا وري پهنجا ڪاروبار هلائڻ ۾ پورا هوندا آهن
جيڪي حاضري رجسٽر تي شاگرد ڄاڻائي پهنجي
مزورن جا نالا لکيو ڇڏين ۽ پوءِ اهي ڪاروباري ماستر. اي ڊي او. تعليم جي گهر سامان موڪليندا آهن ۽ صحافي ماستروري انهي راض
کي لڪائڻ لاءِ اخبارن ۾ ميٽنگون ڄاڻائي ڇڏيندا آهن اتي ته وزير تعليم جو به پر نٿو
لڳي جيئن ته اسان جي شهر ٽنڊوباگو ۾ اهڙا مثال ملن ٿا جنهن سان تعليم صحافت تي وڏو
اثر پوي ٿو هڪ طرف تعليم ٻي طرف صحافت ٻئي
حق غريبن جا آهن جيڪي ڏيهون ڏينهن غزب ٿيڻ سان نه راهه علم نه روشن مستقبل جو معمار
وڌيڪ سنگين ٿيئي ٿو جنهن جا نتيجا عواملناس ڀوڳي ٿي ڇو ته نه علم نه اها راهه پڌري
ٿئي ٿي جيڪا استادن جي زميواري ۽ صحافين جي زميواري ڪنهن نالي ماتر ٿئي ٿي خدارا
ڪجهه خوف ڪريو انهن تقديرن جو جيڪي هن وقت سنڌ جا اٻوجهه ماڻهون ۽ غريب ٻارتعليم
جي زيور ۽ هر ڄاڻ کان محروم آهن اهيو ئي هن سماج جو وڏي ۾ وڏو قتل آهي ان ڪري
مهرباني ڪري مهنجا محترم استادو صحافيو اهي ٻئي شيون غلام پريس ڏانهن وڃن ٿيون
جنهن جا نتيجا قومن جي لاءِ بارود کان به وڌيڪ هاڃيڪار صابط ٿينديون آهن ان ڪري
تعليم کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ صحافت جي دنيان ۾ پهنجو ناء روشن ڪجي آئون پاڻ هڪ آزاد
صحافي آهيان تڌهن ڪجهه رهجي ويل راز معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ سچ ۽ حق جو حوڪو ڏيئي رهيو آهيان
واڪا ڪرڻ مون وس
ٻڌڻ ڪم ٻاروچ جو .
مهانگائي جو زميدار ڪير
مهانگائي جو زميدار ڪير
پاڪستان جي تاريخ ۾ آيل پنجن سالن ۾جيڪا مهانگائي ٿي آهي
اهڙي ڪڏهن به نه ٿي آهي انهي جو سبب رڳو آفيسن ۾ ويٺل آفيسر ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل
وزير نه آهن پر پاڪستان جي عوام جو به وڏي ۾ وڏو هٿ آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته
پاڪستان ۾ ڪو به احتجاج بنا ڪنهن نقصان جي نه ٿيو آهي اهڙن ڏينهن تي اڪثر انڊيا جي
فلم انڊسٽري جا سين ڏسڻ ۾ ايندا آهن هوته پهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ڪمپيوٽر
وسيلي نقصان ڏيکاريندا آهن پر پاڪستان جي عوام ڪڏهن ڪوسٽر،بس،ڪارته ڪڏهن رڪشو
ساڙيندي آهي جيڪڏهن ڪجهه به نه مليو ته ٽائر ساڙي هوا ۾ آڪسيجن ختم ڪري بيماريون وڌائيندا
آهن ڪڏهن ڪڏهن ته خارن مان بلڊينگون ،دڪان،آفيسون۽ بينڪون ائين ساڙيندا آهن ڄڻ ته
ڪا ذاتي دشمني هجي ۽ خوشي ملهائيندا آهن پر جڏهن احتجاج ختم ڪري گهر ڏانهن روانا
ٿيندا آهن ته واٽ تي معلوم ٿيندو اٿن ته دڪاندار کنڊ جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي ته پوءِ
ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي سرڪار کي پيا پٽيندا
آهن اهيو ڪون سوچيندا آهن ته کنڊ ڪنهن مهانگي ڪئي آهي حڪومت يا اسان پاڻ هٿن سان
باهه ڏيئي مالڪن جو نقصان ڪري مهانگي ڪئي آهي ۽ هڪ ٻئي کي اهيو به پيا چوندا آهن
ته اسان پهنجو وونٽ وڃائي ڇڏيو آهي اهڙن کي وونٽ ڏنا سين جن اسان جو جيئڻ جنجال
ڪري ڇڏيو آهي پر جيڪڏهين پاڪستان جي عوان نقصان نه ڪري ته پاڪستان ۽پاڪستان جي
عوام خوشحالي ۾ دنيا جي پهرين نمبر تي هجي ها.
حاجي رستماڻي بلوچ
ٽنڊوباگو
Subscribe to:
Comments (Atom)


