sindhi colum


شناختي ڪارڊ جو مسئلو


پاڪستان ۾ روزانو هر اخبار ۾ شناختي ڪارڊ درستگي جا بيان هوندا آهن اهيو غلط شناختي جهن جا ٻه وڏا ڪارڻ آهن                                                                                                             
1. نادرا آفيس وارا بنا تصديق ڪرڻ جي شناختي ڪارڊ جاري ڪندا آهن بعد ۾ معلوم ٿيندو آهي ته شناختي ڪارڊ غلط ڇپجي ويو آهي يا ته نادرا آفيس وارا پاڻمرادوشناختي ڪارڊ ۾ غلطي ڪندا آهن ته ماڻهون وري اچن ۽ غلط ڪارڊ جي في جمع ڪرائي نئون ڪارڊ ٺهرائين ڪي پڙهيل لکيل ماڻهون في جمع ڪرائي نئون شناختي ڪارڊ ٺهرائن ٿا . پر ڪي غريب ماڻهون آفيس جا چڪر ،قسم نامون،شاهد ۽ رشوت کان بچڻ لاءِ غلط شناختي ڪارڊ کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا جيڪو اليڪشن دوران هڪ وڏو مسئلو در پيش ايندو.
 2. پاڪستان ۾ هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪري ماڻهن پهنجا ۽ پهنجي گھر جي فردن جا شناختي ڪارڊ ڄاڻي واڻي غلط ٺهرائي بعد ۾ اخبار زريعي لاتعلقي ڪري ڇڏيندا آهن پر ان غلط شناختي ڪارڊ کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ استعمال ڪن ٿا هاڻي اهيو طريقو هر ماڻهون وٽ پهچي ويو آهي اهي ماڻهون هڪ ٻي کي اهيو چئي غلط شناختي ڪارڊ ٺهرائين ٿا ته هي پاڪستان آهي هن ملڪ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي هن ملڪ ۾ قانون نالي ڪا به شئي نه آهي .اهيو غلط شناختي ڪارڊ نه نادرا آفيس وارن بند ڪيو نه ئي وري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارن ان غلط شناختي ڪارڊ جي تصديق ڪئي جنهن سان ڪنهن کي ٽي دفا به پئيسا مليو  وڃن ٿا ته ڪنهن کي ملن ئي ڪون ٿا . اڳتي هلي انهن غلط شناختي ڪارڊن جي ڳڻپ پاڪستان جي آدم شماري کان وڌيڪ ٿي ويندي ۽ هر ماڻهون پاڪستان ۾ فراڊ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندو                        .                                                                         
مهنجي حڪومت کي اپيل آهي ته اهڙا غلط شناختي ڪارڊ بند ڪيا وڃن ۽ نادرا کي اپيل آهي ته اهي انهن غلط ٿيل شناختي ڪارڊن ڪي فري ۾ جاري ته غريب ماڻهون کي پهنجو حق صحيح طريقي سان ملي سگهي.
   
حاجي رستماڻي ٽنڊوباگو      

No comments:

Post a Comment